پيارا پيارا پوپٽڙا

پيارا پيارا پوپٽڙا (ڪتاب) هي ڪتاب منظور ابڙي جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو آهي. جنهن ۾ 35 نظم شامل آهن، جيڪي سادي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. هن ڪتاب بابت راشد مورائي، ادل سومري، ظفر عباسي، سندر سنڌي، محمد عثمان عباسي ۽ نذير ملاح جا تاثر شامل آهن. ڊيمي سائيز ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 64 صفحا ۽ قيمت 20 رپيا آهي. هي ڪتاب ساهتي اڪيڊمي پاران 1997ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو